چونڊ ملفوظات غوث الحق حضرت مخدوم نوحرح هالائي

چونڊ ملفوظات غوث الحق حضرت مخدوم نوحرح هالائي (ڪتاب): برصغير جي نامياري بزرگ، عالم دين، قرآن پاڪ جي پهرئين فارسي مترجم ۽ اوائلي سنڌي بيت جي شاعر حضرت مخدوم نوحرح جي هن چونڊ ملفوظات جو سهيڙيندڙ قاضي محمد شوڪت علي قريشي آهي. ڪرائون سائيز جي پڪي جلد واري هن 310 صفحن واري هن ڪتاب ۾ ڪل ٽي حصا آهن. پهرين حصي ۾ حضرت مخدوم نوحرح جي سوانح عمري، ٻئي حصي ۾ چونڊ ملفوظات ۽ ٽئين حصي ۾ مخدوم نوحرح جا قرآن جا خواص، وظائف ۽ ذڪر جا فضائل ۽ سندس سنڌي بيت ڏنا ويا آهن. مخدوم نوح رح جي هيءَ پهرين ملفوظات 1999ع ۾، اداره وڪتبخانه قاضي غلام محمد قريشي، هالا پراڻا پاران شايع ٿي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو